رزاق آباد روڊ حادثو: اسڪول مان واپس ويندڙ 3 شاگرد فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير ويجهو رزاق آباد وٽ خوفناڪ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 3 شاگرد فوت ٿي ويا. پوليس موجب واقعو رزاق آباد پوليس ٽريننگ سينٽر ويجهو پيش آيو جنهن ۾ 3 ٻارڙا موٽر سائيڪل تي سوار هئا جيڪي اسڪول مان واپس اچي رهيا هئا ته حادثي جو شڪار ٿي ويا.حادثي ۾ ٽئي شاگرد ٿڏي تي فوت ٿي ويا. پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڊرائيور واقعي واري هنڌان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويل شاگرد ايگرو ٽيڪنيڪل اسڪول ۾ پڙهندا هئا. جيڪي اسڪول ۾ پڙهڻ کان پوءِ واپس گهر طرف وڃي رهيا هئا ته تيز رفتار ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٿڏي تي فوت ٿي ويا.فوت ٿي ويلن ۾ ٻه سڳا ڀائر نعمان لاشاري ۽ لقمان لاشاري به شامل آهن جڏهن ته سندن سئوٽ عبدللہ به حادثي ۾ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ٽنهي شاگردن جا مڙهه جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته پوليس وڌيڪ ڪارروائي ڪري رهي آهي. اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو