صادق آباد(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي شهر رحيم يار خان ۾ چورن رياست ۽ قانون جي رٽ کي چئلينج ڪري ڇڏيو،شهر مان ڇوٽو گينگ جي خاتمي کانپوءِ ڪچي ۾ 8 خطرناڪ گينگ سرگرم آهن، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به ڏوهارين آڏو بيوس نظر اچڻ لڳا،رحيم يار خان، چنيوٽ، اوڪاڙه، جهلم، جهنڊ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان اغوا ٿيل 9 تبلائين سميت 13 يرغمال آهن.ڌاڙيلن يرغمالين کي زنجيرن ۾ بند ڪري تشدد جي وڊيو وارثن کي موڪلي ۽ وڏي رقم جو مطالبو ڪيو.ڏوهارين پاران معصوم شهرين کي اغوا ڪرڻ ۽ ڀنگ لاءِ فون ڪرڻ جون وڊيوز منظر عام تي اچي چڪيون آهن، پر ان جي باوجود پوليس اغوا ڪندڙن جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام رهي آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ حد بندي ۽ جديد هٿيارن جي کوٽ جو مسئلو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي اغوا ڪندڙ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان جي پوليس لاءِ درد سر بڻجي ويا آهن.










