رجني ڪانٿ جي فلم عالمي سطح تي 72 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا

رجني ڪانٿ جي فلم عالمي سطح تي 72 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)تامل فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار رجني ڪنٿ ٻن سالن کانپوءِ فلم ”جيلر“ سان وڏي اسڪرين تي واپسي ڪئي، فلم پهرين ڏينهن تامل ناڊو ۾ 24 ڪروڙ رپيا ۽ عالمي سطح تي 72 ڪروڙ رپيا ڪمايا.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب تامل فلم انڊسٽري جي سپر اسٽار رجني ڪنٿ جي نئين فلم ”جيلر“ گذريل ڏينهن دنيا جي مختلف ٿيئٽرز ۾ رليز ڪئي وئي.ليجنڊ اداڪار رجني ڪنٿ جي ٻن سالن کانپوءِ اسڪرين تي واپسي، مداحن کي هن فلم جو بي صبري سان انتظار هو. فلم رليز ٿيندي ئي مداحن جون دليون کٽي ورتيون.فلم ۾ اداڪار رجني ڪنٿ سان گڏ اداڪار جيڪي شراف ۽ خبرو اداڪارا تمنا ڀاٽيا به اهم ڪردارن ۾ نظر اچي رهيا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب فلم کي ملڪي سطح تي تامل زبان ۾ رليز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هندي ۾ ان جي ڊب ٿيل ورزن تي پابندي لڳائي وئي آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پابندي باوجود نيلسن دليپ ڪمار جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم پهرين ڏينهن ئي تامل ناڊو ۾ 24 ڪروڙ ۽ ملڪي سطح تي 52 ڪروڙ رپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.ان کان علاوه فلم انٽرنيشنل ليول تي به 72 ڪروڙ رپيا ڪمايا.

پهنجو تبصرو موڪليو