رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ڪارڊ جي مدي ۾ واڌ

رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ڪارڊ جي مدي ۾ واڌ

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي ڪارڊ جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي. سيفران واري وزارت افغان پناهگيرن جي رجسٽريشن ڪارڊ جي مدي ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب پهرين جولاءِ 2024 کان 30 جون 2025ع تائين واڌ ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۾ ترسيل رجسٽرڊ افغان پناهگيرن تي واڌ لاڳو هوندي.ذريعن ٻڌايو آهي ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن لاءِ رجسٽريشن ڪارڊ جو مدو 30 جون 2024 تي ختم ٿي ويو هو، پاڪستان ۾ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جو انگ لڳ ڀڳ 14 لک آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو