رتو ديرو ۾ نينگري سان زيادتي،فريال ٽالپر جو نوٽيس،رپورٽ طلب

رتو ديرو ۾ نينگري سان زيادتي،فريال ٽالپر جو نوٽيس،رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پيپلز پارٽي جي عورت شعبي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن فريال ٽالپر جو رتوديرو ۾ نينگري سان ٿيل زيادتي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو،فريال ٽالپر رتوديرو ۾ نينگري سان زيادتي جو نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس اختيارين سان رابطو ڪيو ۽ کين هدايت ڪئي ته واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪري مناسب ڪارروائي ڪئي وڃي فريال ٽالپر چيو ته زيادتي سنگين ڏوهه آهي، جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي،فريال ٽالپر جو ڇوڪري جي پيءُ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو کيس يقين ڏياريو ته انصاف لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو، پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر چيو ته ڏوهن ۾ ملوث جوابدار ڪيترو به بااثر هجي، قانون جي گرفت کان بچي نٿو سگهي

پهنجو تبصرو موڪليو