راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کان پوءِ اسپل ويز کوليا ويا

راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ کان پوءِ اسپل ويز کوليا ويا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تازين برساتن جي ڪري، راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.راول ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1751.50 فوٽ تائين پهچي وئي، جنهن کان پوءِ ڊيم جا اسپل وي صبح 8:30 وڳي کوليا ويا.ضلعي انتظاميا چيو ته سڀئي ضروري قدم وقت تي مڪمل ڪيا ويا آهن، اسسٽنٽ ڪمشنر، مئجسٽريٽ ۽ امدادي عملو ميدان ۾ موجود آهي.ضلعي انتظاميا وڌيڪ چيو ته ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي اپاءَ ورتا پيا وڃن، سيد پور ڳوٺ ۽ ڇٽه بختاور سميت سڀني علائقن ۾ نيڪال جو ڪم جاري آهي.ضلعي انتظاميا شهرين کي ايمرجنسي جي صورت ۾ 16 تي اطلاع ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.ان کان علاوه، اي ڊي سي جي صاحبزاده يوسف پڻ نيڪال جي عمل جو جائزو ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو