راولپنڊي ۾ لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪنداسين: شيخ رشيد

راولپنڊي ۾ لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪنداسين: شيخ رشيد

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اسان فوج سان ٽڪراءُ نٿا چاهيون. راولپنڊي پهچڻ تي لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪيو ويندو. شيخ رشيد چيو ته رينجرز جي باري ۾ سواليه نشان آهي. رينجرز عمارتن ۾ رهي ۽ عمارتن جي حفاظت ڪري. ڪنهن جو پيءُ به لال حويلي خالي نٿو ڪرائي سگهي، لال حويلي انقلابي هيڊ ڪوارٽرز آهي. راولپنڊي ۾ لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ٿيندو. اها خبر ناهي ته بيڪ ڊور رابطا ٿي رهيا آهن يا نه. ڳالهين سان مسئلا حل ٿي وڃن ته اها سٺي ڳالهه آهي. رينجرز کي گهرجي ته هو عمارتن ۾ رهي ۽ عمارتن جي حفاظت ڪري. ريڊ زون کي لال حويلي تائين کڻي اچو پر لانگ مارچ ضرور اسلام آباد پهچندو. لال حويلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ جمعي تي راولپنڊي پهچي رهيو آهي. سموري شهر جي مسجدن مان ماڻهو لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندا. هن چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي کان پڇڻ چاهيان ٿو ته 3 بسون لال حويلي ڇا ڪرڻ آيون هيون؟ اسان جهيڙي وارا ماڻهو نه آهيون. اسان 2 ڀيرا جيلون ڏٺيون آهن. اسان عمران خان سان جبل جيان بيٺل آهيون. لاهور هاءِ ڪورٽ سميت سمورين عدالتن جا ٿورائتا آهيون اهڙا ڪيس اسان جي خلاف نڪري رهيا آهن جنهن ۾ اسان موجود ئي نه هئاسين.شيخ رشيد چيو ته تحريڪ انصاف لانگ مارچ جو تاريخي استقبال ڪنداسين. اسان جو مطالبو ننڍو آهي ملڪ جي معيشت تباهه ٿي چڪي آهي اسان امن سان نئين چونڊن طرف وڃن چاهيون ٿا اسان امن جي لاءِ جان قربان ڪري سگهون ٿا، بدامني جو سوچي به نٿا سگهون. شيخ رشيد چيو ته راڻا ثناءُالله کي چوان ٿو ته هو ڀلي ريڊ زون لال حويلي تائين کڻي اچي ۽ هڪ هزار ڪنٽينر لڳائي ڇڏي پر لانگ مارچ کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. جيڪي نسلي ۽ اصلي آهن اهي عمران خان سان گڏ بيٺل آهن. راولپنڊي ۾ انتظامن جي لاءِ واپس آيو آهيان. اسان کي صرف چونڊون گهرجن. اوهان جي مرضي جنهن کي چاهيو آڻي ويهاري ڇڏيو. جيڪو جذبو لاهو ۾ ڏسي آيو آهيان اهو مثالي آهي. شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته لال حويلي ڪير به خالي نٿو ڪرائي سگهي، ڪيترائي ڀيرا هي ڪوشش ڪري چڪا آهن. لال حويلي انقلابي هيڊ ڪوارٽر آهي پي ڊي ايم جي سياست هاڻ ختم ٿي چڪي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو