راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا آهن.پوليس موجب پي ٽي آءِ راولپنڊي سٽي صدر عمران حيات جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو آهي. راولپنڊي پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اڳوڻي ايم پي اي راشد حفيظ ۽ ماجد حسين جي گهرن تي به ڇاپا هنيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته روات ۾ اڳوڻي ايم پي اي راجا وحيد قاسم جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو آهي. راولپنڊي پوليس موجب انهن ڇاپن ۾ ڪنهن به اڳواڻ کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي پر پي ٽي آءِ جي 17 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










