راولاڪوٽ ۾ ڪالعدم ڪميٽي جا 3 ڄڻا پنهنجي ئي فائرنگ ۾ مارجي ويا

راولاڪوٽ ۾ ڪالعدم ڪميٽي جا 3 ڄڻا پنهنجي ئي فائرنگ ۾ مارجي ويا

راولاڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ترجمان انسپيڪٽر جنرل (آئي جي) پوليس آزاد ڪشمير چيو آهي ته سي ايم ايڇ راولاڪوٽ جي محاصري دوران ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند عنصرن جي فائرنگ سبب سندن پنهنجا ئي 3 ڄڻا مارجي ويا.ترجمان انسپيڪٽر جنرل (آئي جي) پوليس آزاد ڪشمير موجب، 7 جون تي ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند عنصرن راولاڪوٽ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي هڪ منصوبابنديءَ تحت فائرنگ ڪئي وئي. ترجمان آئي جي آزاد ڪشمير ٻڌايو ته ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي هٿياربند عنصرن سي ايم ايڇ راولاڪوٽ جو محاصرو ڪيو، جنهن ڪري اسپتال جون معمول جون طبي خدمتون ۽ سرگرميون سخت متاثر ٿيون، تنهن هوندي به قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بردباري، تحمل ۽ ذميواريءَ جو مظاهرو ڪيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته 7 ۽ 8 جون جي وچ واري رات هڪ منظم ۽ محدود نوعيت جي ڪارروائي ڪندي سي ايم ايڇ راولاڪوٽ جو محاصرو ختم ڪرايو ويو، ڪارروائيءَ ۾ شهرين، مريضن، طبي عملي ۽ سرڪاري ملڪيتن جي تحفظ کي اوليت ڏني وئي ۽ اسپتال جو محاصرو مڪمل طور تي ڪليئر ڪرايو ويو. ترجمان آئي جي آزاد ڪشمير موجب، اسپتال ۾ سموريون طبي خدمتون معمول موجب بحال ٿي چڪيون آهن. 6 جون کان وٺي هينئر تائين پرتشدد عنصرن جي فائرنگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 اهلڪار شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ راولاڪوٽ پوليس جا 3 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو هڪ اهلڪار شامل آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن. ترجمان آئي جي آزاد ڪشمير وڌيڪ ٻڌايو ته ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جا 3 ڄڻا پنهنجي ئي انڌاڌنڌ فائرنگ ۾ مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا، انهن ماڻهن ۾ 5 ۽ 6 جون جي رات مارجي ويل پڻ شامل آهن. ٻئي طرف، آزاد ڪشمير جي مختلف ضلعن ۽ ڪوهالا ۾ زندگي معمول موجب روان دوان آهي. ڪوهالا ۾ سموريون مارڪيٽون ۽ تجارتي مرڪز کليل آهن ۽ عوام احتجاج جي ڪال کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو