راحت فتح  جي نصرت فتح علي خان جي مزار تي حاضري،دعا گھري

راحت فتح جي نصرت فتح علي خان جي مزار تي حاضري،دعا گھري

لاھور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ميوزڪ انڊسٽري جي ناليواري گلوڪار راحت فتح علي خان پنهنجي چاچي، ليجنڊ گلوڪار استاد نصرت فتح علي خان جي 27 هين ورسي جي موقعي تي سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي راحت فتح علي خان جي آفيشل اڪائونٽ تي هڪ نئين وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي.هن وڊيو ۾ راحت فتح علي خان سان گڏ سندس پٽ شازمان علي خان ۽ ٻين کي نصرت فتح علي خان جي قبر تي چادر چاڙهي دعا ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.نصرت فتح علي خان جي 27 هين ورسي جي موقعي تي راحت فتح علي خان چيو ته اڄوڪو ڏينهن منهنجي ۽ منهنجي خاندان لاءِ ڏکوئيندڙ ڏينهن هو.

پهنجو تبصرو موڪليو