اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ قلم 144 جي تحت پابندي جو نوٽيفڪيشن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ 5 يا وڌيڪ ماڻهن جي جمع ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪنهن به قسم جي مذهبي ۽ سياسي اجتماع تي پابندي لڳائي وئي آهي.










