راجا رياض قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر

راجا رياض قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر

اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر راجا رياض کي ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر بڻائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ذريعن موجب راجا رياض کي 17 ميمبرن جي حمايت حاصل هئي جنهن بعد سندس مقرري جي منظوري ڏني وئي.قومي اسيمبلي مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسپيڪر راجا رياض کي اڪثريت جي حمايت سان مخالف ڌر جو اڳواڻ مقرر ڪيو هو.بيان موجب سندس مقرري قومي اسيمبلي رولز 2007 جي قاعدي 39 تحت ڪئي وئي.بيان ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ جو راجا رياض ۽ جي ڊي اي جو غوث بخش مهر اميدوار هئا، جڏهن ته راجا رياض کي 16 ۽ غوث بخش مهر کي 6 ميمبرن جي حمايت حاصل هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو