رائٽ سائزنگ پاليسي، پاڪستان پوسٽ مان 1500 نوڪريون ختم

رائٽ سائزنگ پاليسي، پاڪستان پوسٽ مان 1500 نوڪريون ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي سرڪار جي رائٽ سائزنگ پاليسي جي تحت پاڪستان پوسٽ ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي وڌيڪ سوين نوڪرين کي ختم ڪيو ويو آهي.اختيارين موجب حڪومت جي رائٽ سائزنگ پاليسي جي تحت پاڪستان پوسٽ ۾ گريڊ هڪ کان 15 جي وڌيڪ 1511 نوڪرين کي ختم ڪيو ويو آهي.اداري جي هيڊ ڪوارٽر مان جاري ڪيل سرڪلر موجب انهي کان اڳ به 2000 نوڪرين کي ختم ۽ 105 کي ضم ڪيو ويو آهي گڏيل طور تي هينئر تائين هن اداري مان 3616 نوڪريون ختم ڪيون ويون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ختم ڪيل سموريون جڳهيون خالي هيون ۽ انهن ۾ سڀني کان وڏو انگ پوسٽ مين اسڪيل 7 جو 500 جڳهيون، ميل پيون، پورٽرز اسڪيل 2 جون 458 ۽ پوسٽل ڪلرڪس اسڪيل 9 جون 274 پوسٽون هيون.ذريعن موجب گريڊ 14 جون 9 جڳهيون، گريڊ 11 ۾ 4، گريڊ 9 ۾ 29 ۽ ٽائم اسڪيل ڪلرڪ جي 30 جڳهين سميت ٻيون سوين خالي جڳهيون شامل هيون جن کي هاڻ ختم ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو