رائونتي (رپورٽر) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻن ڏينهن کان پوليس جون ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي چڙهايون جاري آهن،ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او رائونتي عبداشڪور لاکي جي اڳوڻي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي،پوليس موجب پوليس ۽ ڏوهارين وچ فائرنگ دوران ٽن ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن،ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جي دعويٰ آهي ته ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي ختم ڪيو ويو آهي










