اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اطلاعات سيڪريٽري رئوف حسن ۽ ٻين کي جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.رئوف حسن ۽ ٻين جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پي ٽي آءِ اڳواڻ جو وڪيل سينيٽر علي ظفر، علي بخاري ۽ ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) طرفان پراسيڪيوٽر شيخ عامر عدالت ۾ پيش ٿيو ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر امير شيخ چيو ته ٽيڪنيڪل رپورٽ ملي وئي آهي، سمورا جوابدار هڪ ٻئي سان رابطي ۾ هئا.وڪيل علي ظفر چيو ته رئوف حسن ۽ ٻين جو 7 ڏينهن جو جسماني رمانڊ مڪمل ٿي چڪو آهي، رئوف حسن جي صحت ٺيڪ ناهي، چيڪ اپ ڪرايو وڃي.ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر رئوف حسن جي وڌيڪ 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته اسپيشل پيڪا ايڪٽ ڪورٽ جي مئجسٽريٽ شبير ڀٽي رئوف حسن جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.گذريل ٻڌڻي دوران ڊيوٽي جج مريد عباس رئوف حسن ۽ ٻين کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو هو.ايف آءِ اي رئوف حسن ۽ ٻين جو 7 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪري ورتو آهي.گذريل ٻڌڻي تي ڊيوٽي جج مريد عباس رئوف حسن ۽ ٻين کي 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو هو، ايف آءِ اي رئوف حسن ۽ ٻين جو 7 ڏينهن جو رمانڊ حاصل ڪيو هو.










