ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳواڻي گهرو کاتي جي وزير ذوالفقار مرزا پنهنجي ايم پي اي پٽ حسنين مرزا سان گڏ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بدين ۾ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته پي پي وارا سندس حلقي کي نظر انداز ڪري رهيا آهن. گورنر چيو ته هو جلد وزيراعظم سان ملاقات ۾ بدين ۾ ترقياتي ڪمن بابت ڳالهائيندي ۽ خصوصي گرانٽ لاءِ کيس چوندو. حسنين مرزا چيو ته سنڌ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، ڌاڙيل سياسي سرپرستي سبب پوليس کان ڏاڍا ٿي ويا آھن. سنڌ حڪومت اسان جي حامين خلاف انتقامي ڪاروايون ڪري پئي.










