ذخيرا مالي سال جي آخر تائين 16 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا: گورنر

ذخيرا مالي سال جي آخر تائين 16 ارب ڊالر تائين پهچي ويندا: گورنر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جي وقتي گورنر مرتضيٰ سيد چيو آهي ته هلندڙ مالي سال جي آخر تائين ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 16 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا. پرڏيهي جرنل بلومبرگ کي ڏنل انٽرويو ۾ مرتضيٰ سيد چيو ته ملڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ هلندڙ سال فيبروري کان وٺي 8 ارب ڊالرن جي گهٽتائي ٿي آهي.مرتضيٰ سيد چيو ته مالي سال جي آخر تائين ملڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 16 ارب ڊالر ٿي ويندا، جڏهن ته مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان کي 31 ارب ڊالرن جي ضرورت پوندي، جنهن لاءِ پاڪستان کي 38 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.وقتي گورنر چيو ته پاڪستان ضروري کان وڌيڪ فنڊنگ جو بندوبست ڪيو آهي، سومر تي آءِ ايم ايف جي بورڊ سان اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن جي منظوري کانپوءِ 4 ارب ڊالرن جي ٻطرفي ترسيل جي راهه هموار ٿيندي.مرتضيٰ سيد چيو ته آءِ ايم ايف بورڊ جي منظوري کانپوءِ 6 ڏينهن اندر پاڪستان کي هڪ ارب 17 ڪروڙ ڊالر ملندا.

پهنجو تبصرو موڪليو