ڪوئيٽا: (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي دڪي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ مٽيءَ جو ڍير (تودو) ڪرڻ سبب ڦاٿل مزدورن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ڪيو ويو، کاڻ ۾ ڦاٿل 6 مزدورن مان 5 کي زندهه ڪڍيو ويو جڏهن ته هڪ جو لاش هٿ آيو آهي.ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف مائينز موجب، گذريل رات ڪوئلي جي کاڻ ۾ مٽيءَ جو ڍير ڪرڻ سبب 6 مزدور اندر ڦاسي پيا هئا.واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو ۽ 14 ڪلاڪن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ هڪ کاڻ ڪندڙ کي زندهه ڪڍيو ويو، وڌيڪ ريسڪيو ٽيمون گهرائي آپريشن جاري رکيو ويو ۽ 20 ڪلاڪن کانپوءِ وڌيڪ 4 کاڻ ڪندڙن کي به حفاظت سان ڪڍيو ويو.اختيارين موجب، آپريشن جي آخري مرحلي ۾ ڇهين کاڻ ڪندڙ جو لاش ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿي ويو.اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن کاڻ ڪندڙ 3 هزار فٽ گهري کاڻ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا.










