ڀاڄين ۽ فروٽ جا اگهه چوٽ چڙهيل، غريب پريشان

ڀاڄين ۽ فروٽ جا اگهه چوٽ چڙهيل، غريب پريشان

دڙو (رپورٽ: شوڪت ميمڻ) دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ رمضان المبارڪ جي آمد سان ئي مھانگائي جي طوفان غريبن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا.!! ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آھي. رمضان شريف جي بابرڪت مھيني جي شروع ٿيندئي سجاول ضلعي جي شھر دڙو ۽ ڀرپاسي جي مختلف ننڍن وڏن شھرن ۾ مھانگائي جو جن بوتل مان ٻاھر نڪري آيو آھي. شھر ۾ منافعي بخش واپارين کاڌي پيتي جو سامان زخيرو ڪرڻ سان گڏ مھانگائي چوٽ چاڙھي ڇڏي آھي جنھن سبب روزو رکندڙ ڏوھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورھيت ۽ محنت ڪش طبقو عام روزمره جي استعمال واريون شيون خريد ڪرڻ کان محروم ٿي ويو آھي. گڏ ڪيل ڄاڻ موجب وڏو گوشت 600 کان 700 سوُ روپيہ، ٻاڪرو گوشت 1500 سوُ کان 1600سوُ روپيہ ڪلو، ٽماٽا 100 سوَ رپيا ڪلو، مڇي 500 کان 600 روپيا ڪلو، ڀينڊي 120ڪلو، صوف 300 سوُ کان 500 روپيا ڪلو، گيھہ 460 روپيا ڪلو، موسميون 150 روپيا ڪلو، ھنداڻون گدرو 150 روپيا ڪلو، ڪدو 80 روپيا ڪلو، بصر 40 روپيا ڪلو، توريون 100 روپيا ڪلو، ليمان 500 روپيا ڪلو، گوبي 120 روپيا ڪلو، ڀاڄي 80 روپيا ڪلو، اٽو 80 روپيا ڪلو، عام کاڄرو آئل 478 روپيہ ليٽر، ڪيلا 80 روپيا ڊرزن، کنڊ 90 روپيا ڪلو سميت ٻين شين جا اگھه آسمان تي چوٽ چڙھيل آھن. رمضان شريف جو بابرڪت مھينو شروع ٿيڻ شرط دڙو، ٻنون ۽ ٻين شھرن ۾ رڪارڊ مھانگائي سبب عام غريب ماڻھو مڇي، گوشت ۽ مرغي خريد ڪري کائڻ جي سگھ ته اڳ ۾ وڃائي ويٺو آھي. پر ھاڻي سبزي خريد ڪرڻ کان پڻ محروم بڻيل آھي. جڏھن ته کاڌي پيتي جي شين جي اگھن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء سجاول ضلعي جي انتظاميا توڙي اي سي ۽ مختيارڪار ميرپوربٺورو اڃا تائين ڪي به قدم ناھن کنيا. جنھن سبب غريب ۽ مسڪين طبقو مھانگائي جي چڪيء ۾ پيسجي رھيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو