دڙو (ن س) دڙو لڳ 11 ڏينھن اڳ مبينا گم ٿيل پورهيت جو لاش هٿ، پورھيت جي وارثن ۽ ڏانڊابردار سوين ماڻھن سموري شھر جو ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو، 12 ڪلاڪن وٺي ٽيڪسي اسٽاپ تي احتجاجي ڌرڻو جاري، شھر جا سمورا مُک روڊ بند، شھر ۾ ڪشيدگي واري صورتحال. تفصيل موجب دڙو لڳ ڳوٺ طاهر سومرو مان 11 ڏينھن اڳ مبينا گم ٿيل پورهيت عمر سومرو جو لاش ٻڍو ٽالپر ڀرسان جنگ مان هٿ آيو آھي، وارثن پاران مقتول جي فوٽو ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي، جنھن کانپوء صبع ساڻ ئي فوتي پورھيت جي وارثن ۽ سومرا برداري جي ڏنڊا بردار ماڻھن جٿن جي صورت ۾ سموري شھر جو ڪاروبار بند ڪرائي دڙو، ميرپوربٺورو، ٻنون، ابڙال، ٻيلو روڊ تي رڪاوٽون رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جڏھن تہ سومرا برادري ۽ پورھيت عمر سومرو جي وارثن عزيز ڪارو سومرو، عاشق سومرو، رفيق سومرو، شوڪت سومرو، يامين سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارن مُک ٽيڪسي اسٽاپ تي مسلسل 12 ڪلاڪن کان ڊگھو ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، ان موقعي ھنن دڙو پوليس تي الزام ھڻندي چيو 11 ڏينھن اڳ دڙو پوليس جي ايس ايڇ او ٻن نجي گاڏين ۾ ھلان ڪري پورھيت عمر سومرو کي گرفتار ڪري مبينا طور گم ڪري ڇڏيو، ۽ بعد ۾ کيس بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش ڦٽو ڪيو ويو آھي، ھنن چيو تہ جيستائين دڙو پوليس جي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل نٿو ٿئي تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رھندو. ھوڏانھن دڙو پوليس جي ايس ايڇ او آفتاب ميمڻ پورھيت عمر سومرو جي وارثن طرفان ھنيل سمورن الزامن کي رد ڪندي چيو تہ 3 نومبر تي ٻڍو ٽالپر ڀرسان ھڪ لاوارث حالت ۾ لاش هٿ آيو هو، جنهن کي لاوارث ڄاڻائي ايدهي حوالي ڪيو ويو، وارثن فوٽو ذريعي سڃاڻپ ڪئي آهي، ھن وڌيڪ چيو تہ ڪراچي ايدهي سينٽر سان رابطي ۾ آھيون. لاش ملڻ بعد ان جي ميڊيڪل جانچ ڪرائي ويندي، جنھن بعد اصل حقيقت سامهون اچي ويندي.










