اوٻاوڙو(غلام علي رند) دٻ شاخ کي 30 فوٽ گهارو، 4 ڳوٺن سميت سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل، علائقي واسين پاران آبپاشي عملي کي اطلاع باوجود ڪو عملدارنه پهتو.ڳوٺ راجو چاچڙ، ڳوٺ سومار چاچڙ، ڳوٺ شهزادو شر، ڳوٺ واحدبخش سميجو سميت گورنمينٽ پرائمري اسڪول اختيار چاچڙ وونئڻن جي فصل سميت مڇي جا تلاءَ به پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن سبب علائقي واسين جو لکين رپين جو نقصان ٿي ويو آهي.

ڳوٺاڻن الهدادا سميجو، محمدحسين چاچڙ، شهزادو شر، فيض محمدچاچڙ، سومارچاچڙ، عبدالحميدچاچڙ دانهيندي ٻڌايو ته اسان آبپاشي عملي کي گهاري جو بروقت اطلاع ڏنو سين پر اطلاع ڏيڻ باوجود به ڪوئي عملدار ڪونه پهتو. ڳوٺاڻن آبپاشي عملدارن تي الزام هڻندي چيو ته آبپاشي عملدار لکين رپيا رشوت وٺي دٻ شاخ جي ڪپرن تان مٽي وڪرو ڪندا آهن تنهن ڪري دٻ شاخ جا ڪپر ڪمزور هجڻ ڪري بار بار هي گهارا پئجي رهيا آهن. اسان جو ڊائريڪٽر سيڊا سميت اعليٰ عملدارن کي اپيل آهي ته آبپاشي جي مقرر عملدارن جي خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.










