لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي اينٽي ڪرپشن حوالي ڪري ڇڏيو.اينٽي ڪرپشن اختيارين دوست محمد مزاري کي ڊيوٽي مئجسٽريٽ جي سامهون پيش ڪيو. عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي دوست محمد مزاري جو رمانڊ ڏيڻ جي استدعا تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو.اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري کي گذريل رات لاهور مان گرفتار ڪيو ويو هو سندس مٿان سرڪاري زمين تي قبضي ڪرڻ جو الزام آهي.اينٽي ڪرپشن جي وڪيل اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جو جسماني رمانڊ گهريو ۽ ٻڌايو ته دوست محمد مزاري کان زمين تي قبضي واري الزام هيٺ جاچ ڪرڻي آهي ان لاءِ سندس جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جڏهن ته اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر جي وڪيل ريمانڊ جي مخالفت ڪئي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي دوست محمد مزاري پنهنجي گرفتاري کي سياسي بنيادن تي انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو. اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ارادو ظاهر ڪيو ته مان آئين سان گڏ بيٺل هوندس. عدالت هدايت ڪئي ته دوست محمد مزاري جو جسماني ريمانڊ ختم ٿيڻ تي کيس پهرين نومبر تي ٻيهر پيش ڪيو وڃي.










