دوداپور (رپورٽر) دوداپور ويجهو مھراڻ پبلڪ اسڪول شورو ٿھيم مان رڪارڊ چوري، نامعلوم چورن مھراڻ اسڪول شورو مان رات دروازو ڀڃي استادن ۽ شاگردن جي حاضري رجسٽر سميت سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، پرنسپال رضوان جکراڻي موجب ھفتي ڏھاڪي ۾ اڪثر چوري ٿئي ٿي، ايس ايس پي جيڪب کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، خبر موجب دوداپور ويجھو مھراڻ پبلڪ اسڪول شورو مان گذريل رات نامعلوم چورن اسڪول جو دروازو ڀڃي شاگردن ۽ استادن جا رجسٽر ،جنرل رجسٽر ۽ ٻيو سامان چوري ڪري کڻي ويا، اسڪول جي پرنسپال محمد رضوان جکراڻي صحافين کي ٻڌايو تہ اسانجي اسڪول مان اڳ ۾ به ٻه ٽي دفعا چور چوري ڪري سامان کڻي ويا، بار بار چوري ٿيڻ سبب تعليم متاثر ٿئي ٿي ، جنھن سبب اسڪول جي سراسري حاضري پڻ اثر انداز ٿئي ٿو، ھن چيو اھڙو اطلاع اعليٰ اختيارين کي پڻ ڏنو ويو آھي، ھن وزير تعليم سنڌ، سيڪريٽري تعليم سنڌ، آء جي سنڌ ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪندي چيو ته بدامني تي ضابطو آڻي تعليم دشمن چورن خلاف جلد سخت ڪارروائي ڪري کين فوراََ گرفتار ڪيو وڃي، ته جيئن ٻارڙن جي تعليم بھتر طريقي سان جاري رکي سگھجي.










