دوحا: (ويب ڊيسڪ) حماس اڳواڻ ۽ اڳوڻي فلسطيني وزيراعظم اسماعيل هنيه جي جنازي نماز دوحا ۾ ادا ڪئي وئي.حماس اڳواڻ ۽ اڳوڻي فلسطيني وزيراعظم اسماعيل هنيه جي جنازي نماز امام محمد بن عبدالوهاب مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن بعد کيس قطر جي شهر لوسيل جي قبرستان ۾ دفنايو ويندو.ترڪ پرڏيهي وزير به اسماعيل هانيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ دوحا پهتو، جڏهن ته جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان به اسماعيل هانيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ قطر ۾ موجود آهي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اسماعيل هنيه جو مڙهه ان کان اڳ قطر جي گادي واري هنڌ سندس رهائشگاهه تي آندو ويو. فلسطيني جهنڊن ۾ ويڙهيل اسماعيل هانيا ۽ سندس محافظ وسيم ابو عثمان جا مڙهه تهران کان دوحا ايئرپورٽ پهتا.










