اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته دهشتگرد لڪي ئي عدالت ايندا آهن اهو وقت پري نه آهي جنهن منهن ڍڪي اچڻو پوندو پنهنجي بيان ۾ عمران خان جي حوالي سان چيو ته پوليس جا مٿا ڦاڙڻ، پيٽرول بم اڇلائڻ جڊيشل ڪمپليڪس تي هٿياربند جٿن سان حملو ڪرڻ کان پوءِ زال تنهنجي ڊڄي وئي؟ مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز جي نيب سيل ۾ ڪئميرائون لڳائي پنهنجي موبائيل تي ڏسندا هئا ان وقت شرم ۽ حياء هو؟ مريم نواز جي بيڊ روم ۾ رات جو گهڙي اچڻ جو آرڊر ڏيندي شرم ايندو هو؟ وفاقي وزير چيو ته شهبازشريف جي ڌيءَ جي گهر نيب کي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شرم اچي ها فريال ٽالپر کي عيد تي اسپتال مان گهيلي کڻي ايندي ۽ مسجد نبوي ۽ لنڊن ۾ مون تي حملو ڪرائيندي توهان کي شرم آيو؟ مريم اورنگزيب چيو ته پنڪي باجي کي حيرا، منڊيون، وٺندي ڊپ لڳو ۽ رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون؟










