دهشتگردي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

دهشتگردي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف دهشتگردي جي الزام هيٺ داخل 8 ڪيسن ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب 8 مختلف ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم باوجود عمران خان پيش نه ٿيو ۽ وڪيلن ذريعي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي وئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.عمران خان طرفان فيصل چوڌري، بئريسٽر گوهر ۽ ايڊووڪيٽ شعيب شاهين عدالت ۾ پيش ٿيا.فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته عمران خان اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار هو پر کيس اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو هو جيڪا 121 ايف آءِ آرز جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.وڪيلن عمران خان جي ضمانت ۾ مئي جي پهرين هفتي تائين واڌ جي استدعا ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان توهان کي اڳي ئي غير معمولي رليف ڏئي رهيا آهيون، توهان کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مان حتمي رليف ملندو، پاڻ کي يا اسان کي شرمسار نه ڪريو.ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بئريسٽر جهانگير جدون چيو ته مون گذريل ٻڌڻي تي چيو هو ته عمران خان 18 اپريل تي نه ايندو، سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا پر هو ان باوجود پيش نه ٿيو، هن عدالت ۾ سڪيورٽي ايس او پيز به پيش ڪيا. چيف جسٽس چيو ته هي ٻه الڳ شيون آهن، توهان هاءِ ڪورٽ جي فول پروف سيڪيورٽي ضرور رکي هئي پر سوال اهو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم جي حيثيت سان سندس سيڪيورٽي بحال ڪئي وئي آهي يا نه؟ عدالت عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي عبوري ضمانت ۾ 3 مئي تائين واڌ ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي عمران خان پيش نه ٿيو ته ضمانت رد ڪئي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو