ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪور ٽ ننڍي چونڊ دوران فائرنگ، خوف حراس ۽ دهشتگردي جي الزام هيٺ گرفتار سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي .چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف علي سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ جي آڏو ننڍي چونڊ دوران فائرنگ ۽ دهشتگردي جي الزام هيٺ گرفتار حليم عادل شيخ جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.عدالت اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪندي 2-2 لک روپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.حليم عادل شيخ تي پوليس تي حملو ۽ دهشتگردي جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو. حددخلين خلاف آپريشن دوران هنگامي ۽ فائرنگ واري ڪيس ۾ سندس اڳ ئي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي.










