دهشتگردي جو خوفناڪ منصوبو ناڪام 5 دهشتگرد گرفتار

دهشتگردي جو خوفناڪ منصوبو ناڪام 5 دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم (سي ٽي ڊي) ۽ رينجرز ڄامشورو ويجهو گڏيل آپريشن ۾ 5 دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اها ڳالهه ڊي آءِ جي عمر شاهد رينجرز جي ڪرنل شبير سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائي. هنن چيو ته ڄامشورو مان گرفتار دهشتگردن جو  سعيدآباد پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ خودڪش حملي جو پلان هو هنن پوليس ٽريننگ سينٽر جي ريڪي ڪري ورتي هئي. جڏهن ته جوابدارن  ٽريننگ سينٽر جا فوٽيج به ٺاهي رکيا هئا. عمر شاهد موجب گرفتار دهشتگردن ۾ 2 خودڪش حملي آور به شامل آهن جن  کان 2 خودڪش جيڪٽ، سعيدآباد ٽريننگ سينٽر جو نقشو، موبائل فونز، سي ڊيز، پوليس يونيفارم ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته دهشتگرد حملن جي لاءِ خودڪش جيڪٽ فراهم ڪندا هئا. هي افغانستان کان ٿيندي پاڪستان آيا هئا. ڊي آءِ جي ٻڌايو ته گرفتار دهشتگردن ۾ شيراز اڪبر عرف حمزه، لياقت علي عرف حذيفه، ميرويس عرف حشام، عامر خان ۽ نگار علي عرف زيد شامل آهن جڏهن ته عامر خان ۽ نگار علي خودڪش بمبار آهن. ان موقعي تي رينجرز جي ڪرنل شبير ٻڌايو ته دهشتگردن کان جاچ ۾ اهم ڳالهيون سامهون آيون آهن. جوابدار طورخم جي رستي پاڪستان آيا هئا. انهن کان سعيدآباد ٽريننگ سينٽر جي ريڪي جي وڊيوز به ملي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو