ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت جلسن ۽ چونڊ اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. ڪوئٽه جي ڊپٽي ڪمشنر چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي خط لکندي سيڪيورٽي خدشن تي عوامي اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.سيڪيورٽي ايڊوائزري ڪوئٽه مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي جاري ڪندي سيڪيورٽي خدشن تي عوامي اجتماعن کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ڪوئٽه جي ڊپٽي ڪمشنر شڪ ظاهر ڪيو آهي ته دهشتگرد عوامي اجتماع کي نشانو بنائي سگهن ٿا. اميدوارن کي درخواست آهي ته غير ضروري عوامي اجتماع منعقد نه ڪن. ٻئي طرف نگران اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي ٽوئٽر تي پيغام ڏنو آهي ته ڪوئته ۾ عورت آپگهاتي حملي آور جي موجودگي جو ٿريٽ الرٽ موجود آهي. ٿريٽ الرٽ کي نظر ۾ رکندي عوامي جلسن ۽ چونڊ اجتماعن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.










