واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پريس جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس نيويارڪ ۾ پريس فريڊم جي عالمي ڏينهن جي تقريب کي خطاب ڪيو.هن چيو ته هو صحافين کي نشانو بڻائڻ ۽ غلط معلومات پکيڙڻ جي مذمت ڪن ٿا، اسان جي سموري آزادي صحافت جي آزادي تي منحصر آهي.انتونيو گوتريس چيو ته پريس جي آزادي جمهوريت ۽ انصاف جو بنياد ۽ انساني حقن جي جان آهي، اڄ دنيا ۾ سچ کي ڪوڙ ۽ نفرت کان خطرو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوڙ ۽ نفرت جي پکيڙ حقيقت ۽ افساني جي وچ ۾ لڪير کي ختم ڪري ٿي، سائنس ۽ سازش جي وچ ۾ فرق ختم ڪري ٿي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته اڄ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پريس جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن.










