نئين دلي (ويب ڊيسڪ)هندستان جي قديم شهر پرياگ راج (اله آباد) ۾ ڪمڀ ميلو جاري آهي جنهن ۾ 50 لک کان مٿي هندو عقيدتمند، سياح، سياستدان ۽ سيليبرٽيز شريڪ آهن. هندو مذهب موجب هر 12 سالن بعد منعقد ٿيندڙ هي ميلو (مها ڪمڀ) دنيا ۾ انسانن جو سڀ کان وڏو ميڙ مڃيو ويندو آهي. سومر کان شروع ٿيل هي ميلو ايندڙ ڇهن هفتن تائين جاري رهندو. ان دوران، سڄي دنيا مان عقيدتمند گنگا، جمنا سرسوتي ندين جي سنگم تي وهنجدا آهن ۽ ٽٻي هڻندا آهن. هي اها جاءِ آهي جتي هندو عقيدي موجب مقدس درياهه گنگا، جمنا ۽ افسانوي دريا سرسوتي ملن ٿا.

Photo coutesy Newyork Times
هندن جو عقيدو آهي ته پاڪ نديءَ ۾ ٽٻي هڻڻ (غسل) سان انهن جا گناهه ڌوپي ويندا آهن ۽ هو گناهن کان پاڪ ٿي ويندا آهن. اهو عمل سندن روح کي پاڪ ڪندو ۽ انهن کي جنم ۽ موت جي چڪر کان آزاد ڪندو. هندومت جو حتمي مقصد نجات آهي. هن 45 ڏينهن واري ميلي ۾ اٽڪل 40 ڪروڙ پانڌيئڙن جي شرڪت متوقع آهي. هي ميڙ ايتري وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي جو ان کي خلا مان به ڏسي سگهجي ٿو. سومر تي لڳ ڀڳ 60 کان 80 لک ماڻهن جي ٽٻي جو اندازو لڳايو ويو هو. جڏهن ته ٻئي ڏينهن اهو انگ ٻه ڪروڙ پار ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو هو. اڱاري جو ڏينهن خاص اهميت رکي ٿو ڇو ته هن ڏينهن تي، نانگا ساڌو جي نالي سان سڃاتا ويندڙ شل ننگا هندو ساڌو، جسم تي رک ملي صبح جو اتر هندستاني شهر ۾ ٽٻي هڻندا آهن. پوليس جي وڏي پروٽوڪول ۾ ڪجهه ساڌو پنهنجي اوگهڙ ڍڪيندا آهن جڏهن ته اڪثر صفا ننگا هوندا آهن. انتظاميا دريائن جي ڪناري 4 هزار هيڪٽرز تي خيما لڳايا آهن. جن ۾ بيت الخلا به ٺاهيا ويا آهن. اڪثر ماڻهن شڪايت ڪئي ته عارضي ٽوائلٽس ۾ پاڻي نه هو. انتظاميا جو چوڻ آهي ته هنن 650 ڪلوميٽر عارضي سڙڪون ٺاهيون آهن جتي هڪ لک پوليس اهلڪار ۽ هندو رضا ڪار تعينات آهن.
ڪمڀ ميلي جو تاريخي پسمنظر
26 فيبروري تي هي ميلو پڄاڻي تي پهچندو. يونيسڪو هن ميلي کي انسانن جو نقابل تسخير ورثو تسليم ڪيو آهي. ڪمڀ جو مطلب آهي گهڙو، هندو ڏند ڪٿا ۽ افسانوي ڪهاڻي موجب سمنڊ مان کين امرت سان ڀريل هڪ گهڙو مليو هو، امرت پيئڻ سان هو لافاني ٿي وڃن ها. ان گهڙي تي ديوتائن ۽ راڪشسن ۾ لڙائي ٿي ته ڪجهه پاڻي ڇلڪي ڪري پيو هو ۽ چار شهرن پرياگراج، هردوار، اجين ۽ ناسڪ ۾ڪريو هو. ٻنهي ڌرين ۾ اها جنگ 12 آسماني سال هلي هئي ۽ هر آسماني سال 12 زميني سالن جي برابر آهي. ان ڪري انهن چئن شهرن ۾ هر 12 سالن بعد ڪُمڀ ميلو لڳندو آهي. وچ ۾ هڪ ارڌ ڪمب يا اڌ ڪمڀ ميلو به هوندو آهي، جيڪو هر ڇهن سالن بعد منعقد ٿيندو آهي. هي ميلو چئني شهرن ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي پر سڀ کان وڏي گڏجاڻي هميشه پرياگراج (اله آباد)۾ ٿيندي آهي.

Photo courtesy BBC
بي بي سي ڪي رپورٽ موجب هڪ ڪراڙي هندو ساڌو مهنت رويندر پوري جو چوڻ آهي ته هن سال ستارن جي چر پر 12 ڪمڀ ميلن يا 144 سالن بعد اهڙي هوندي آهي جهڙي هن واقعي وقت ڏٺي وئي هئي، ان ڪري هن سال اسين ان کي مها ڪمڀ ميلو چئون ٿا. ڪيترن سياحن لاءِ ننگن هندو ساڌن کي ڏسڻ ۽ ٿڌي پاڻي وهنجدي ڏسڻ هڪ لڪاءُ هوندو آهي پر عقيدتمندن لاءِ ان جو مقصد هندو ساڌن جي پاڪيزگي جو اثر پاڻي تي پوندو آهي.
وهنجڻ جا وڏا ڏينهن
وڏن ڏينهن تي تڙ ڪرڻ جون تاريخون ۽ وقت جو فيصلو نجومي مخصوص سيارن ۽ ستارن جي بنياد تي ڪندا آهن. هن سال غسل لاءِ ڇهه مخصوص ڏينهن طئي ڪيا ويا آهن، جن ۾ 13 جنوري: پوش پورنيما، 14 جنوري: مڪر سنڪرانتي، 29 جنوري: مني امواسيا، 3 فيبروري: بسنت پنچمي، 12 فيبروري: ماگھا پورنيما ۽ 26 فيبروري: مها شيو راتري ٻڌايا ويا آهن. انهن مان ٽي تاريخون، 14 ۽ 29 جنوري، ۽ 3 فيبروري کي شاهي اسنان (يا شاهي غسل) طور نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن نانگا ساڌو غسل ڪندا. سڀ کان وڏو ڪٺ 29 جنوري تي ٿيندو جنهن م 5 کان 6 ڪروڙ ماڻهن جي شرڪت جو ڪاٿو آهي. هن ميلي تي حڪومت 70 ارب ڀارتي روپيا خرچ ڪري رهي آهي ۽ رياست کي 250 ارب جي آمدن متوقع آهي.










