اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، ماڻهو آرام سان سمهن.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ملڪ جي دفاع کي دفاعي بجيٽ مان نه ڏٺو وڃي، هن دفاعي بجيٽ تي ڌيان ڏنو آهي، جيئن ٻين شعبن ۾ مسئلا آهن، تيئن دفاعي بجيٽ ۾ به مسئلا آهن.هن چيو ته معاشي هدف حاصل نه ڪرڻ جو مطلب حڪومت جي ناڪامي ناهي، اسان سياست کي قربان ڪري رياست کي بچايو آهي ۽ معاشي بدحالي کي منهن ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي.هن چيو ته جهانگير ترين جي پارٽي مان ن ليگ کي ڪو به خطرو ناهي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ سندن ئي ٿي سگهي ٿي.بچاءَ واري وزير چيو ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون.










