ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عالمي امن لاءِ پاڪستان جِي دفاعي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو مشهور ايونٽ آئيڊياز 2022ع 15 نومبر کان ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ شروع ٿيندو، جيڪو 18 نومبر تائين جاري رهندو.ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن (ڊي اِي پي او) تحت ٿيندڙ نمائش ۽ ڪانفرنس جو يارهون ايڊيشن عالمي دفاعي صنعت ۽ دفاعي انڊسٽريز جو مشهور پليٽ فارم بڻجي ويو.انٽرنيشنل ڊفينس ايگزيبيشن اينڊ سيمينار ۾ عالمي دفاعي صنعت جَي اهم پليئرز جِي وڏي انگ ۾ شرڪت سان پاڪستان کي دفاعي شعبي ۾ ٽيڪنالوجي پارٽنرشپ ۽ جوائنٽ وينچرز کي موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي.شاندار پليٽ فارم ذريعي شروع ٿيندڙ اڪثر رابطا وقت گذرڻ سان گڏ دفاعي شعبي ۾ مضبوط لاڳاپن جو بنياد وجهندا آهن، عالمي دفاعي صنعتن جي ماهرن، نمائندن، سرڪاري ۽ ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ايونٽ جو اهم حصو آهن.ايندڙ مهيني رٿيل عالمي نمائش ۾ به ڪاروباري شخصيتن وچ ۾ ملاقاتن جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ ايڪسپو سينٽر ۾ پرسڪون اسٽيج پڻ قائم ڪئي وئي آهي…










