ڪلوئي (رپورٽ غلام مصطفي نهڙيو)ڪلوئي ۾ ڪرونا متاثر محلي ۾ دعا فائونڊيشن طرفان هڪ سو کان به وڌيڪ غريب ماڻهن ۾ راشن ورهايو .ڪلوئي شهر جي ميگهواڙ پاڙي ۾ ڪرونا جا ڪيس پازيٽو اچڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميا انهي علائقي کي لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو هو جنهن ڪري انهي علائقي جا ڪيترائي غريب ماڻهو لاڪ ڊائون جي ڪري بک تي ويٺل هئا جڏهن ته انهن جي اپيل تي اڄ دعا فائونڊيشن جي ٽيم ۽ تعلقي پروجيڪٽ آفيسر سليم جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ هڪ سو راشن بيگ کڻي پهتي جنهن ۾ اٽو دال گيھ روز مرہ جي استعمال جو سامان هو جيڪو آئيسوليٽ ٿيل ماڻهن ۾ تقسيم ڪيو انهي موقعي تي دعا فائونڊيشن جي تعلقي پروجيڪٽ آفيسر اڳواڻ سليم جوڻيجو چيو ته دعا فائونڊيشن جو ڪم بي سهارا غريب ماڻهن جي ڏکي وقت ۾ مدد ڪرڻ هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري اڄان به آئسوليشن ٿيل ماڻهن جي مدد ڪنداسين هوڏانهن آئسوليشن ٿيل ميگهواڙ پاڙي جي پورهيتن چيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري اسان گهرن تائين محدود ٿي وياسين اسان روز ڏيهاڙي وارا مزدور ماڻهو اهڙي ڏکي وقت ۾ دعا فائونڊيشن طرفان اسان جي مالي مدد ڪئي جنهن جا اسان ٿورائتا آهيون هوڏانهن ڪلوئي ۾ آئسوليشن ٿيل ڪرونا متاثرن ۾ ضلعي انتظاميا طرفان ڪنهن به قسم جي مدد ناهي ڪئي جيڪي پڻ پريشاني جي ور چڙهيل آهن










