ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)دعا زهرا جي مڙس ظهير بئنڪ اڪائونٽس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪرائڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. ظهير احمد ۽ شبير طرفان داخل درخواست تي جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي وئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ درخواست جي ٻڌڻي ڪجهه دير ڪندي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ظهير ۽ شبير ڪراچي ۾ دعا زهرا ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيا آهن، ٻنهي کي پيشي دوران سڪيورٽي خدشن کي منهن ڏيڻو پيو، سنڌ جي گهرو کاتي، آءِ جي ۽ ٻين کي ٻنهي درخواستگذارن کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. .










