نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ)مشھور درگاھ سعدي نھراڻي جي فقير تي نامعلوم ڏنڊا بردارن جو حملو ڏنڊا ھڻي مٿو ڦاڙي ڇڏيو سڌوجا ٿاڻي تي رپورٽ داخل گذريل رات دير سان سڌوجا لڳ مشھور درگاھ سعدي نھراڻي جي مئخاني تي ستل فقير گلاب خان ٻرڙو تي ھٿيار بندن ۽ ڏنڊا بردارن حملو ڪري فقير گلاب کي ڏنڊا ۽ ھٿارن جا بٽ ھڻي مٿو ڦاڙي وڌو ۽ رتورت ڪري ڇڏيو بعد ۾ کيس بيھوشي واري حالت ۾ مئل سمجھي فرار ٿي ويا زخمي گلاب فقير ٻرڙو کي صبح جو وارثن بيھوشي واري حالت ۾ کڻائي مورو اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن زخمي کي تپاسيو مگر زخمي جي حالت وڌيڪ خراب ھئڻ سبب نواب شاھ اسپتال جو رستو ڏيکاري ڇڏيو،سڌوجا پوليس ٿاڻي تي اھڙي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي ،مگر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آندي وئي آھي واقعو اڃا ڳجھارت بڻيل آھي جڏھن ته زخمي فقير گلاب جي وارثن به ڪو مؤقف بيان نه ڪيو آھي










