خيرپور (ن س) درگاهه پير هوٿي نوٿي جي سالياني عرص مبارڪ جون تقريبون ٽئين ڏينهن پنهنجي پڄاڻي تي پهتيون، درگاهه جي اڱڻ تي سنڌ پنجاب جا ڀلوڙ ملهه پھلوان علي نواز ميتلو. منٺار بگٽي .نصر الله ميتلو. ھاشم پٺاڻ ۽ ٻين ملهه پهلوانن ملاکڙي ۾ پنهنجي زور آزمائي ڪري خوب داد حاصل ڪيو، تقريب جي خاص مهمانن غلام شبير ميتلو، امام ڏنو ميتلو،ڪريم بخش ميتلو، فهيم ڦلپوٽو، ممتاز ٻرڙو، اسدالله ميتلو، پرويز علي ٻرڙو ،محمد عثمان ميتلو، وزير علي ميتلو ۽ ٻين ملهه ملاکڙي ۾ پهرين نمبر تي ايندڙ ملهه پهلوان ديدار جمالي کي هڪ لک رپيا روڪ انعام ڏنو ويو، ٻئي پوزيشن ماڻيندڙ ملهه پهلوان اويس گهانگرو کي پنجاهه هزار روپيا روڪ انعام ڏنو ويو، جڏهن ته ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ملهه پهلوان منٺار بگٽي کي 25 هزار روپيا روڪ انعام ڏنو ويو، ٽي روزه عرص مبارڪ دوران ماڻهن جي تفريح لاءِ جهولا، چوڏيل، موت جا کوهه ،مٺائي ۽ خريداري جون بازارون پڻ لڳايو ويون هيون، ان موقعي تي درگاهه پير هوٿي نوتي جي گادي نشين آچر فقير ميتلو چيو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي جتي پيرن فقيرن هميشه امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي.










