سکر(جئيرام داس) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي مسلسل واڌ سبب صوبي جي ٽنھي بيراجن تي پاڻي جا وھڪرا وڌي ويا گڊو بيراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي ، سکر بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار ، 12 ڪلاڪن دوران گڊو بئراج وٽ 25 ، سکر بيراج وٽ 7 ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ 3 ھزار ڪيوسڪس پاڻي جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. گڊو بيراج جي وھڪرن ۾ واڌ بعد مٿاھان وھڪرا 4 لک 74 ھزار 296 ڪيوسڪ، ھيٺاھون وھڪرو 3لک 94ھزار 76ڪيوسڪ، سکر بيراج جي وھڪرن ۾ واڌ بعد مٿاھون وھڪرو 3 لک 7ھزار 25ڪيوسڪ, ھيٺاھون وھڪرو 2 لک 91 ھزار 125ڪيوسڪ رڪارڊ, ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي مٿاھون وھڪرو ھڪ لک 76ھزار 442 ھيٺيائو وھڪرو ھڪ لک 76ھزار92ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. اطلاعات موجب سنڌو درياهه ۾ وڏو سيلابي ريلو چاچڙان کان گذري چڪو آهي جيڪو اڄ رات تائين سنڌ م داخل ٿيندو. گهوٽڪي، پنو عاقل، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جو ڪچو ٻڏي ويو آهي.










