مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)خاڻوٺ ڀرسان بزرگ اولياء حضرت داد شھيد جو 561 هون عرس عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو درگاه جي سجاده نشين فقير علي نواز شورو عقيدتمندن مريدن سان گڏجي درگاه داد شھيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ميلي جي رسمن جو افتتاح ڪيو

جڏهن ته دنيا ملڪ ۽ سنڌ ۾ امن خوشحالي لاء خاص دعائون گهريون ويو ميلي ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين عوام شرڪت ڪئي ان موقعي تي نعت خواني ۽ صوفي راڳ رنگ جي محفلون پڻ ڪرايون ويون صوفي فنڪار صوفي عمران سرن جي ورکا ڪئي جڏهن ته سنڌ جي قومي راند ملاکڙو پڻ ڪرايو ويو جنهن ۾ مله پهلوان زبردست طاقت ۽ فن جو مظاهرو ڏيکاري مخالف پهلوان کي گهمائي گهمائي ملهه دسي هوڪرا ڪرائي ڇڏيا جنهن ۾ 6 پهلوان بي هوش پڻ ٿي ويا جن کي ساٿي پهلوانن تريون هڻي پاڻي پياري هوش ۾ آندو ڪامياب ٿيل پهلوان کي سجاده نشين علي نواز شورو روڪ رقم ۽ اجرڪن جا تحفا ڏنا راحب خان ٽڳڙ ۽ معشوق بگٽي خدا بخش کوسو کي پوزيشنون کڻڻ تي 10 هزار انعام طور ڏنو ويو ميلي ۾ ٻارن جي تفريح لاء چوڏول پينگهه پڻ لڳايا ويا جڏهن ته رانديڪن کاڌي پيتي جا اسٽال پڻ لڳايا ويا ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.










