دادو (ن س) ٽي بي اسپتال ڀرسان مريد خان گوپانگ پاڙي ۾ گهر اندر بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 کان 4 ورهين جي نينگري ڀراڻي ڌيءَ عاشق علي گوپانگ فوت ٿي وئي وارثن موجب نينگري گهر اندر راند ڪري رهي هئي ته اوچتو فرج جي بجلي واري تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي پئي. وارثن کيس فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ضروري ڪارروائي بعد نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.دادو جي شاهي بازار واري علائقي ۾ مبينا طور ناڪاره پيل دوا پيئڻ سبب 2 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي مليل ڄاڻ موجب بلاول مغل جي 2 ورهين جي نياڻي عشرا مبينا طور گهر ۾ پيل ناکاره دوا پيئڻ بعد بيهوش ٿي پئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ اولڊ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران نينگري دم ڏئي ڇڏيو اسپتال انتظاميا ضروري ڪارروائي بعد نينگري جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته گهرڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.










