دادو حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 3 ڄڻا زخمي

دادو حادثو، عورت سميت 3 ڄڻا فوت، 3 ڄڻا زخمي

دادو (ن س )دادو جوهي موڙ انڊس هاءِ وي جي مرڪپور پوليس پوسٽ ويجهو آرمي پبلڪ اسڪول جي سامهون ٻن موٽر سائيڪلن جي پاڻ ۾ زوردار ٽڪر بعد سامهون ايندڙ ٽرڪ جي ٽڪر سان حادثو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪاڇي واسي ببر برادري سان تعلق رکندڙ عورت فرزانه زال امام بخش ببر سميت ٻه نوجوان موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ٻارن کي شديد زخمون آيون.حادثي کان پوءِ پوليس موقعي تي پهچي موٽر سائيڪلون ۽ ٽرڪ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ٽرڪ جو ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو۔ فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ تاحال نه ٿي سگهي آهي ۽ سندن وارث به اڃا تائين اسپتال نه پهتا آهن۔ لاشون ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪيون ويون آهن، جتي قانوني ڪارروائي جاري آهي۔ياد رهي ته انڊس هاءِ وي تي نئون بس اسٽاپ سالن کان اڻ مڪمل پيل آهي، جنهن سبب بسون، وڏيون مسافر گاڏيون ۽ رڪشا مرڪپور پوليس پوسٽ سامهون انڊس هاءِ وي تي بيهڻ لڳن ٿا، نتيجي طور اهڙا حادثا معمول بڻجي ويا آهن شهرين ۽ متاثرن جي وارثن ڊي سي ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي انڊس هاءِ وي تي مناسب بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائي سگهجن۔

پهنجو تبصرو موڪليو