شيعه علما ڪائونسل جي عهديدارن حلف کڻي ورتو

شيعه علما ڪائونسل جي عهديدارن حلف کڻي ورتو

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) شیعه علماء ڪائونسل پاڪستان تعلقه دادو جي ڪابينا جي اھم گڏجاڻي امام بارگاھ غريب الغرباء دادو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ اتفاق راءِ سان برادر الطاف حسين سخیراڻي کي شيعه علماء ڪائونسل تعلقه دادو جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ تعلقه صدر ذاڪر حسين جويو نئي مقرر ٿيل جنرل سيڪريٽري الطاف حسين سخیراڻي کان حلف ورتو ان موقعي تي SUC تعلقه سينئر نائب صدر عرفان علي مھدوي، نائب صدر برڪت علي کوکر، نائب صدر مولانا سليم رضا حيدري، ایڈیشنل سيڪريٽري عاشق علي جويو، سٽي دادو جي صدر آفتاب احمد جعفري پڻ موجود هئاان موقعي تي نئي مقرر ٿيل جنرل سيڪريٽري الطاف حسين سخیراڻي خطاب ڪندي چيو ته ماہ رمضان المبارڪ تزڪيه نفس جو مھينو آهي ۽ ھن مھيني ۾به الله پاڪ رحمتن ۽ برڪتن ۽ استغفار جا دروازا کولي ڇڏيندو آهي ۽ اسان کي گھرجي ته استغفار ڪري مذهب حقا جي لاءِ ڪم ڪريون ۽ ان کان علاوه وڌيڪ چيو ته پاڻ ۾ ھڪ ٻئي سان باھمي رابطو ضروري آهي جنهن سان اسان تنظيم کي وڌيڪ فعال بڻائي ھڪ ٻئي جي ڏکن سکن ۾ شريڪ ٿي سگھون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو