ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي خيرپور ضلعي ۾ گئس ۽ خام تيل جا ذخيرا دريافت ٿيا آهن.آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) جي ترجمان موجب، خيرپور ۾ بيٽرسم ايسٽ-1 کوهه مان روزانو 22.5 ملين ڪيوبڪ فوٽ گئس پيدا ٿيندي، جڏهن ته دريافت سان روزانو 690 بيرل خام تيل ملندو.ترجمان چيو ته بيٽرسم ايسٽ-1 کوهه جي کوٽائي 30 جون 2025 تي شروع ڪئي وئي هئي، کوهه کي 3800 ميٽر جي کوٽائي تائين کوٽيو ويو، جنهن کان پوءِ ذخيرا مليا.او جي ڊي سي ايل جي ترجمان چيو ته نئين دريافت سان ملڪ جي توانائي جي ذخيرن ۾ نمايان اضافو ٿيندو، مقامي وسيلن مان توانائي جي طلب ۽ رسد جي وچ ۾ فرق گهٽجي ويندو، جڏهن ته ملڪ جي تيل ۽ گئس جي درآمدي بل ۾ پڻ نمايان گهٽتائي ايندي.










