خيرپور (ن س)ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي هنيل ڌرڻي دوران پوليس ڪارروائي دوران پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڌرڻي مان کنڀي گم ڪيل وارث آزاد ٿي ويا، اڳواڻن سڀاڻي پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، صحافي اڳواڻ ۽ وڪيلن جي مداخلت تي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي جاري احتجاجي ڌرڻي دوران پوليس جي تحويل ۾ ورتل پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ ڌرڻي مان کنڀي گم ڪيل وارثن کي آزاد ڪيو ويو آهي، آزادي کانپوءِ پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سهڻي پارس ۽ لياقت جلباڻي سان رابطو ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته هو سڀاڻي پريس ڪانفرنس ڪري پوليس ڪارروائي، گرفتاريون ۽ ان کانپوءِ پيش آيل سموري صورتحال بابت تفصيلي موقف پيش ڪندا ۽ سڄي سنڌ جي عوام کي حقيقتن کان آگاهہ ڪنداسين، اڳواڻن چيو ته پريس ڪانفرنس دوران احتجاجي تحريڪ جي ايندڙ لائحه عمل بابت پڻ اهم اعلان ڪيا ويندا۔ اڳواڻن جي گهر پهچڻ تي وارثن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي، جڏهن ته ايڪشن ڪميٽي پاران پريا ڪماري جي باامان بازيابيءَ تائين پرامن جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو ويو آهي.










