پشاور (ويب ڊيسڪ) بي بي سي اردو جي رپورٽ موجب خيبر پختونخوا جي ضلعي خيبر سميت مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلابي ريلن سبب فوتين جو انگ 12 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 18 ماڻهو زخمي آهن. رپوٽ موجب فوتين ۾ 5 مرد، 5 ٻار ۽ 2 عورتون شامل آهن. ريسڪيو اختيارين موجب، خيبر جي علائقي لنڊي ڪوتل ۾ 4 ۽ جمرود ۾ 2 ڄڻا سيلاب ۾ لڙهي وڃڻ سبب فوت ٿيا. افغان خاندان کي طورخم کڻي ويندڙ گاڏي به ريلي ۾ وهي وئي، جنهن ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 16 ڄڻا سوار هئا، وهي ويندڙ 13 ڄڻن کي بحفاظت ريسڪيو ڪيو ويو، جڏهن ته 3 فوتين جا لاش ڪڍيا ويا آهن.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪ افغان شاهراهه تي ڦاٿل 100 کان وڌيڪ گاڏين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، طوفاني برساتن ۽ سيلاب کانپوءِ ريليف ۽ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ٻئي پاسي اپر دير ۾ گجگوڙ سان برسات سبب ندي نالن ۾ سيلابي صورتحال آهي ۽ پنچڪوڙا درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ ٿي وئي آهي. ان کان علاوه ڪاغان وادي ۾ شديد برسات کانپوءِ مڊ سلائيڊنگ (مٽي جي ڇپون ڪرن) سبب شاهراهه ڪاغان ۽ پاڻي جي ڪٽاءُ سبب سيف الملوڪ ڍنڍ روڊ تي ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي. گلگت بلتستان جي ضلعي استور ۾ به طوفاني برساتن کانپوءِ سيلابي صورتحال آهي، جتي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گهرن، فصلن ۽ رابطي وارن رستن کي نقصان پهتو آهي. ٻئي طرف لاهور جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي، جنهن سان ٻوسٽ ۽ گرمي جي شدت ۾ ڪجهه گھٽتائي آئي، پر هٺانهين وارن علائقن ۽ سڙڪن تي پاڻي جمع ٿيڻ ڪري ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي.










