خيبر: دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جو ميجر شهيد

خيبر: دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جو ميجر شهيد

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا ۾ سڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس آپريشن دوران ميجر ميان عبدالله شهيد ٿي ويو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب 5 ۽ 6 جولاءِ جي وچ واري رات خيبر جي علائقي شڪاس ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن ۽ سڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ آپريشن جي اڳواڻي ڪندڙ ميجر ميان عبدالله شاهه شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر موجب 33 ورهين جي ميجر ميان عبدالله شاهه شهيد جو تعلق ڪوهاٽ سان آهي.آءِ ايس پي آر موجب آپريشن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته علائقي مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن ۽ اسان جي جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو