لاهور (ويب ڊيسڪ)پشاور سميت خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.پشاور ۽ سوات کان علاوه گلگت بلتستان جي ضلع غذر جي شهر گاهڪوچ ۽ ان جي آس پاس ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.زلزلي مرڪز پڻ ٻڌايو آهي ته زلزلي جو مرڪز افغانستان-تاجڪستان سرحد هو.هن وقت تائين زلزلي سبب ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.










