پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا پوليس سسٽم کي ڊجيٽل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سينٽرل پوليس آفيس موجب، هيومن ريسورس مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم نالي هڪ ايپ تيار ڪندي پوليس اهلڪارن جي سروس ريڪارڊ کي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي.ايپ ذريعي پوسٽنگ ۽ ٽرانسفر جي سڃاڻپ به ڪئي ويندي، ۽ هن ايپ ۾ پوليس اهلڪارن جي ڀرتي ۽ رٽائرمينٽ جو رڪارڊ به هوندو.سينٽرل پوليس آفيس موجب، ترقي، تربيت ۽ نظم و ضبط جي ڪارروائين جو رڪارڊ به ڊجيٽل ڪيو ويندو، ۽ ايپ ذريعي گھوسٽ ملازمن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي.










