خورشيد شاهه علاج لاءِ برطانيا وڃڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

خورشيد شاهه علاج لاءِ برطانيا وڃڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي

سکر(رپورٽر)وفاقي وزير ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه علاج لاءِ برطانيا وڃڻ جي درخواست ڪئي.خورشيد شاهه طرفان احتساب عدالت سکر ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نالو اي سي ايل مان صرف هڪ ڀيرو ڪڍيو وڃي.درخواست تي احتساب عدالت مريض جي تشخيص لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت خورشيد شاهه کي ايندڙ ٻڌڻي تي 13 ڊسمبر تي ميڊيڪل رپورٽ سميت پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو