اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي ايف آءِ اي پاران گرفتاري خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.اعظم سواتي درخواست ۾ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪندي چيو ته ايف آءِ اي چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪيو ۽ سندن نياڻين جي سامهون تشدد ڪيو.اعظم سواتي پنهنجي درخواست ۾ چيو ته مان عملي طور مري چڪو آهيان، مذهب ۾ خودڪشي حرام آهي، ان ڪري جيئرو آهيان.










